ڀنگرو دريائي ٻوٽي

ڀنگرو–دريائي ٻوٽيTrailing Edipta (Edipta Alba):هن ٻوٽيءَ کي انگريزيءَ ۾ Trailing Eclipta، لاطينيءَ ۾ Eclipta alba Hassk‏، هنديءَ ۾ ڀنگره، گجراتيءَ ۾ ڀينگرو ۽ سنسڪرت ۾ پانگريه- پرنگا چيو وڃي ٿو. هي سورج مکيءَ جهڙي مرڪبي Compositae آڪهه مان آهي. پوسل وارن هنڌن تي ٿيندي آهي. هي ٻوٽو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو. هن جا پن هڪٻئي جي سامهون 4 سينٽي ميٽر ڊگھا ٿين ٿا. هن جي گلن جو منهن اڇو هوندو آهي. سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ عام جام ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو